سڪون جي ڳولائو نوجوان اداڪارا سمنڊ ۾ ٻڏي فوت، وڊيو وائرل

بئنڪاڪ ( ويب ڊيسڪ) سمنڊ ڪناري سڪون لاءِ يوگا ڪندڙ نوجوان روسي اداڪارا ٻڏي فوت ٿي وئي، جڏهن ته واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 24 ورهين جي اداڪارا ڪميلا بيلياتسڪايا سان اِهو سانحو ٿائيلينڊ جي مشهور سياحتي ٻيٽ ڪوهه ساموئي تي پيش آيو، جتي هڪ وڏي لهر آئي ۽ ڪميلا کي پاڻ سان گڏ لوڙهي وئي.
ڪميلا اتي پنهنجي وڊيو ٺاهي رهي هئي ۽ هو اڪثر اتي ايندي رهندي هئي.
سوشل ميڊيا تي وائرل سندس وڊيو ۾ اداڪارا کي سمنڊ جي وڏي لهر ۾ ٻڏندي ۽ پنهنجي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
ٻئي پاسي هڪ اکين ڏٺي شاهد کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو کيس بچائي نه سگهيو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪميلا ان ٻيٽ تي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان گڏ آئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.