فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد جي علائقي جڙانوالا ۾ پسٽل سان ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ دوران گولي هلڻ سبب ڪنوار فوت ٿي وئي.
پوليس موجب واقعي ۾ حياتي وڃائيندڙ 18 ورهين جي فاطمه جي 3 ڏينهن اڳ شادي ٿي هئي، افسوسناڪ واقعو جڙانوالا ڀرسان ڳوٺ 233 گب ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڇوڪري پنهنجي ساهرن ۾ موجود هئي ۽ پنهنجي موبائل فون تي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهي هئي.
ان دوران ڪمري ۾ موجود پسٽل سان وڊيو ٺاهيندي اوچتو گولي هلڻ جي نتيجي ۾ هوءَ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، واقعي وقت فاطمه جي ماءُ ۽ ڀيڻ به ڪمري ۾ موجود هيون.
Prev Post
You might also like