ٽرمپ جي اسرائيلي يرغمالي آزاد نه ٿيڻ تي وچ اوڀر کي جهنم بڻائڻ جي ڌمڪي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حلف برداري کان اڳ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي نه ٿيڻ جي صورت ۾ وچ اوڀر کي جهنم بڻائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته 20 جنوري تي حلف برداري کان اڳ يرغمالي آزاد نه ڪيا ويا ته وچ اوڀر کي جهنم ڀوڳڻو پوندو، اهي ماڻهو جن انسانيت خلاف اهي ظلم ڪيا، اهي قيمت ادا ڪندا.
هن چيو ته ذميوارن کي اهڙو سبق ڏنو ويندو، جيڪو اڳ ڪڏهن آمريڪا جي تاريخ ۾ ناهي ڏنو ويو، يرغمالين کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.