زمبابوي بيٽرز سفيان جي ڄار ۾ ڦاسي پيا، پاڪستان ميچ ۽ سيريز کٽي ورتي

بلاويو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽن ٽي ٽوئني ميچزن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ زمبابوي کي ڏهن وڪيٽن تان هارائي سيريز ۾ ٻه ٻڙي جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
بلاويو ۾ کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي جي ڪپتان سڪندر رضا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
پاڪستاني بالرن آڏو زمبابوي بيٽرز جي اچ وڃ جو سلسلو جاري رهي ۽ پوري ٽيم 13 هين اوور ۾ 57 رنسن تي آل آئوٽ ٿي ويئي.
نوَ زمبابوي بيٽرز ڊبل فگرز ۾ به داخل نه ٿي سگهيا، برائن بينٽ 21 ۽ ماروماني 16 رنسون سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان سفيان مقيم عالمي سطح تي ڪيريئر جو بهترين اسپيل هلايو ۽ ٽي رنسون ڏئي پنج شڪار ڪيا، عباس آفريدي ٻه، ابرار احمد، حارث رئوف ۽ سلمان علي آغا هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
زمبابوي جو 58 رنسن جو هدف پاڪستان ڇهين اوور ۾ بنا ڪنهن نقصان جي پورو ڪري ورتو، اوپنر عمير بن يوسف 22، صائم ايوب 36 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
پاڪستان زبابوي خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.