نومبر ۾ به گرمي، پراڻو رڪارڊ ٽٽي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پاڪستان ۾ نومبر جو موسمي خلاصو جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي موجب هلندڙ سال نومبر پاڪستان جي موسمي تاريخ جو گرم ترين مهينو رهيو، نومبر ۾ گرمي پد معمول کان 2.89 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي ٻڌايو ته نومبر جو سراسري طور گرمي پد 17.8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي پر نومبر 2024 ۾ ملڪ جو گرمي پد 20.7 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جيڪو گذريل 64 سالن ۾ نومبر جو بلند ترين گرمي پد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.