اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جي ٻي قسط لاءِ حڪومت سول آفيسرن لاءِ سخت قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن موجب 1.1 ارب ڊالرن جي ٻي قسط لاءِ 39 سخت شرطن تحت سول آفيسرن ۽ خاندانن جا اثاثا ظاهر ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽيڪس ايمنسٽي، ٽيڪس ۾ رعايتون ۽ بجيٽ مان اضافي گرانٽ نه ڏني ويندي. ان کان سواءِ گورننس ۽ ڪرپشن بابت هڪ جائزي رپورٽ جاري ڪئي ويندي.ذريعن موجب پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 3 مهينن جي امپورٽ بل جي برابر ۽ پبلڪ فنانس، رائٽ سائيزنگ، روينيو هدف مطابق پورو ڪرڻ لازمي هوندو، آءِ ايم ايف بينچ مارڪ تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ان معاهدي جا نقطا ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب سامهون رکيا آهن، ناڻي واري وزارت موجب، حڪومت کي 7 ارب ڊالر جي توسيع ٿيل فنڊ سهولت قرض پروگرام مان 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن جي ٻي قسط لاءِ 22 نقطن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو، دستاويز انڪشاف ڪيو ته سول آفيسرن ۽ انهن جي خاندانن جي اثاثن کي ظاهر ڪرڻ جي فيبروري تائين آخري مهلت آهي، ٻين سخت شرطن سان گڏ، ٽيڪس معافي ۽ ٽيڪس ۾ ڪا رعايت نه ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.