عمران خان جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ، پي ٽي آءِ پاران سوين ڪارڪن مارجڻ جي دعويٰ ڪندڙن کان لاتعلقي

اسلام آباد(منيب فاروق) پي ٽي آءِ باني عمران خان جو سافٽ ويئر اپ ڊيٽ ڪيو ويو،پي ٽي آءِ 12 ڪارڪنن جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي،پارٽي اندر اختلاف به وڌي ويا آهن،بئريسٽر گوهر عمران خان سان ملاقات کانپوءِ سوين ڪارڪنن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪندڙ علي امين گنڊاپور،لطيف کوسي، شيخ وقاص اڪرم وغيره کان لاتعلقي جو اعلان ڪري حيرت زده ڪري ڇڏيو آهي،هاڻي عمران خان کي پارليامينٽ ياد آئي آهي ۽ ميمبرن کي چيو آهي ته ڊي چوڪ سانحي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو وڃي،عمران خان جي جيل ۾ صحت به بلڪل صحيح آهي،قاسم سوري ۽ ٻين جي اها دعويٰ به غلط ثابت ٿي،ذريعن مطابق عمران خان بيلاروس جي صدر جي دوري جي موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏئي پنهنجي لاءِ وڌيڪ مصيبتن کي دعوت ڏئي ڇڏي آهي،بلاول جي تازي تقرير ۾ ڏنڊي جي زور تي يا ڳالهين ذريعي استحڪام آڻڻ واري ڳالهه به ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته پي ٽي آءِ بابت هاڻي نرم رويا ختم ٿيندي نظر پيا اچن،اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ دلچسپي نٿي رکي،هوڏانهن اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سوين ڪارڪنن جي مارجڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارن کان لاتعلقي جو اعلان ڪريون ٿا، اسان جا 12 ڪارڪن شهيد ٿيا، پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خراب صحت بابت خبرون غلط آهن، الحمدالله تمام ٺيڪ ۽ صحتمند آهي، اسان جمهوري ۽ ذميوار سياسي پارٽي آهيون، اسان 12 ڄڻن جي موت جي باضابطا اطلاع ڏني آهي، پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪندو، عمران خان پي ٽي آءِ جي سمورن اڳواڻن تي اعتماد ڪري ٿو، سمورن اڳواڻن کي ڪنهن جي پويان نه لڪڻ گهرجي،هن چيو ته اسلام آباد ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو به ڏوهه ناهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 03 ڊسمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.