ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر+م ڊ) ڪيترن ئي ڏينهن کان انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن، فري لانسرن، تعليم سان واڳيل توڻي اي ڪامرس سان واڳيل ماڻهن کي شڪايت آهي ته انٽرنيٽ درست نموني ڪم ناهي ڪري رهي سوشل ميڊيا ايپس تائين رسائي ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. ٻئي پاسي حڪومت ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته ڊيٽا سروس مڪمل بحال آهي. انٽرنيٽ جي سست رفتاري ۽ سوشل ميڊيا ايپس تائين رسائي گذريل ڏينهن به متاثر رهي. انٽرنيٽ ۾ رنڊڪن تي نظر رکندڙ تنظيم ڊائون ڊٽيڪٽر موجب هڪ ڏينهن ۾ ڪراچي، لاهور، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ٻين علائقن مان واٽس ايپ، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ جهڙن پليٽ فارمن تائين محدود رسائي جون سوين شڪايتون مليون. واهپيدارن موجب موبائيل انٽرنيٽ ۽ واءِ فاءِ ٻنهي جي استعمال تي مسئلو پيش اچي ٿو جڏهن ته وي پي اين به بي اثر ٿي ويو آهي. شڪايت ڪندڙن موجب واٽس ايپ تي آڊيو پيغام ۽ تصويرون اپ لوڊ ۽ ڊائون لوڊ ناهن ٿي رهيون. انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ ريفريش ٿيڻ بدران رڳو هڪ دائري ۾ گهمي رهيون آهن. ڪجهه واهپيدارن جي ميل تائين رسائي ۾ به ڏکيائي جي شڪايت ڪئي. اهڙيون شڪايتون تحريڪ انصاف جي 24 نومبر واري احتجاج کانپوءِ وڌي ويون آهن. سست انٽرنيٽ سبب ايم ڊي ڪيٽ ري ٽيسٽ جي اميدوارن کي ايڊمٽ سلپون به نه مليون آهن، کين شڪايت آهي ته ايس ٽي ايس جي ويب سائيٽ کلي ناهي رهي. آءِ بي اي سکر انتظاميا موجب انٽرنيٽ جا مسئلا آهن جيڪي پي ٽي اي طرفان آهن. آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطما اهڙن اطلاعن جي ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي ته ملڪ ۾ ڊيٽا سروس مڪمل طور تي بحال آهي. ايڪس تي پابندي بابت هن چيو ته اهو فيصلو گهرو وزارت قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي ڪيو هو جيڪڏهن اظهار جي آزادي جو مسئلو هجي ها ته فيس بڪ ۽ يوٽيوب کي به بند ڪيو وڃي ها پر ائين ناهي ٿيو. هن چيو ته ڊيٽا سروس تي سڀ ايپس 100 سيڪڙو درست نموني ڪم ڪري رهيون آهن جيڪڏهن آڊيو يا تصوير موڪلڻ ۾ ڏکيائي آهي ته اهو مسئلو جلد ٺيڪ ٿي ويندو. واهپيدارن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوشل ميڊيا پوسٽن ۾ چيو ته حڪومت اعلان ڪيو آهي ته اسان انٽرنيٽ کي سست ناهي ڪيو ۽ اسان انٽرنيٽ بند ناهي ڪئي ته پوءِ ڇا ان کي فيڪ نيوز سمجهيو وڃي؟ اهو فري لانسرن لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. ان کان اڳ آءِ ٽي ماهرن انٽرنيٽ جي بندش سبب روز اربين رپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو هو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي سافٽ ويئر هائوس ايسوسيئيشن پاشا جي چيئرمين سجاد مصطفيٰ چيو ته پاڪستان جو عام طور تي ٽيلي ڪام سيڪٽر جو منافعو 3 ارب رپيا ڏهاڙي آهي پر انٽرنيٽ جي سستي سبب ملڪي معيشت ۽ جي ڊي پي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. آءِ ٽي ماهرن موجب ٽيلي ڪام سيڪٽر جو 60 کان 70 سيڪڙو ڏهاڙي جو منافعو 3 جي ۽ 4 جي نيٽ ورڪ سان واڳيل آهي جيڪو متاثر ٿي رهيو آهي.