ڏهرڪي (ت ر) عوامي آواز جي سڏ تي ڀوتارڪي نظام خلاف ڏهرڪي ۾ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش خروش سان ملهايو ويو. مختلف تنظيمن جا اڳواڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو نجم ڀنگر، ڄام معشوق سميجو، جاڳرتا فورم جو اورنگزيب سميجو، ذوالفقار چاچڙ، عوامي تحريڪ جو تراب خان شر، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ امتياز ڀٽو، حيدر شر، نيشنل پريس ڪلب جي لالا قادر ڀٽو ۽ هندو مينگواڙ پئنچائت ۽ مختلف اسڪولن پاران ريليون ڪڍي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سڏ تي ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو ۽ سنڌوءَ تي ڪئنال نامنظور غلامي نامنظور جي اڀ ڏاريندڙ نعرن سان ثقافتي چوڪ تي پهچي ثقافتي ويس ٽوپي اجرڪ پهري ٻاهر نڪري آيا ان موقعي تي عهد ڪيو ويو ته اسان ان ظالماڻي ڀوتارڪي نظام مان جان آجي ڪرائينداسين.