مهمان نواز سنڌي ڀائر، ڀينرن کي پنجاب واسين جو سلام: مريم نواز

لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ جي ثقافت ڏهاڙي تي سنڌو سڀيتا جي وارث سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جون لک لک واڌايون قبول هجن. هن چيو ته سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي محنتي ۽ مهمان نواز سنڌي ڀائرن ۽ ڀنيرن کي پنجاب واسين جو سلام، سنڌ جو اجرڪ، سنڌي ٽوپي، دلڪش موسيقي، شاعري  پاڪستان جي ثقافتي خوبصورتي ۾ واڌ ڪري ٿي. سنڌ جي خوبصورت ۽ قديم تهذيب ۽ ثقافت سڀني لاءِ دلڪشي جو سبب آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.