ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عوام سميت سڀني پاڪستانين کي مبارڪون ڏنيون. پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي عوام سميت سڀني پاڪستانين کي ثقافتي ڏهاڙي جي مبارڪ هجي. هن چيو ته اهو ڏينهن مهراڻ جي ماٿري جي ڀرپور ثقافتي ورثي، شاندار روايتن ۽ لازوال قدرن جو مظهر آهي، سنڌ جو اتحاد ۽ ڀائيچاري جو پيغام نسلن کان دلين کي متاثر ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته اجرڪ ۽ ٽوپي اسان لاءِ احترام، وقار ۽ فخر جي علامت آهي.