ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا، پ ر) سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ”سنڌو تو ۾ ساھ آ منھنجو“ جي عنوان هيٺ ڪراچي،لاڙڪاڻو،نواب شاھ، سڪرنڊ، ڄامشورو، بدين، حيدرآباد، سکر، ڊگهڙي، سجاول، شڪارپور، چمبڙ، شھدادڪوٽ، ڪوٽڙي، مٺياڻي، مانجهند، مورو ٽنڊو محمد خان،نواب ولي محمد، ٽنڊوالهيار، جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، ڳڙهي خيرو، پڊعيدن، ميرپورخاص، ميهڙ، اسلام ڪوٽ، ٺري ميرواھ ۽ ڪوٽ غلام محمد سميت سمورن شهرن ۾ مارچ ڪڍيا ويا، ان موقعي تي مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران پارٽي جا جهنڊا ۽ بينر کڻي سنڌو درياھ جي ڪنارن تي پهچي سنڌو درياھ تي گلن جي ورکا ڪري سنڌو درياھ سان وفا جو وچن ڪيو ويو ته سنڌو درياھ مان غير آئيني طور 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي جي سازش کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏو مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ عورتن، ٻارڙن،اديبن، دانشورن، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مارچ کي خطاب ڪندي روشن علي ٻرڙو چيو ته حڪمران پارٽي سنڌ جي عوام سان دوکو ڪري رهي آهي، سندن اسيمبلي ميمبرن يوم تاسيس جي موقعي تي سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪٿي به نه ڳالهايو ۽ نه ئي هو سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ لاء تيار آھن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو هميشه ٻٽو معيار رهيو آھي ماضي ۾ به هنن ٿر ڪئنال، چشما لنڪ ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي خلاف بدنيتي رکي هئي، پيپلز پارٽي سنڌو درياھ جي پاڻي تي قبضي خلاف پنهنجو موقف واضع ڪري پيپلز پارٽي ڪئنالن جي حمايت ڪري يا سنڌ جي عوام سان گڏ بيهي پيپلز پارٽي جو ٻٽو معيار درست ناهي. ٻئي طرف پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو آھي ته اسان جي هزارين سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جي عڪاسي صدين کان وهندڙ سنڌو درياھ جي نعمت آھي. موجوده حڪومت ملڪ،جمهوريت ۽ آئين خلاف سازشون ڪري رهي آھي، هن چيو ته سنڌ هڪ وفاقي يونٽ آهي جنهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي.