ثقافتي عيد تي سنڌ ۾ جشن،ڀوتارڪي راڄ کان بيزاري جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ڪالهه ڪراچي ۾ پڻ جوش ولولي سان ملهايو ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي مختلف علائقن مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪراچي پريس ڪلب، وائي ايم سي  ميدان ٻاهران روڊ ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي چوراهي تي ثقافتي ڏهاڙي جون تقريبون ٿي گذريون، جنهن ۾ ٻارڙن، نوجوانن کان سواءِ نينگرين ۽ عورتن جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. تقريبن ۾ ڀوتارڪي نظام، سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال کوٽڻ ۽ سنڌ جي لکين زمينن کي بنجر ڪرڻ واري وفاقي حڪومت جي سازش کي رد ڪندي مطالبو ڪيو ڪيو ويو ته سنڌ خلاف سنڌ جو پاڻي چورائڻ واري سازش ختم ڪري سنڌ جي زمينن تي قبضن ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي،تقريبن ۾ فنڪارن تاج مستاني، طفيل سنجراڻي، ديبا سحر، جگر جلال ۽ ٻين فنڪارن سنڌي قومي گيت ڳائي داد حاصل ڪيو.ميٽرو پول چوراهي کان وٺي عبدالله هارون روڊ ۽ ڪراچي پريس ڪلب چوراهي ۽ ڪراچي پريس ڪلب تائين سنڌي ٽوپي اجرڪ، ۽ ٻارن جي شين جا اسٽال پڻ موجود هئا، جڏھن ته ان موقعي تي مرد ۽ عورت پوليس جا جٿا بيهاريا ويا هئا. سنڌ جي ثقافت واري صوبائي  وزير ذوالفقار علي شاھ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ وارن ٽنهي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن ڳالهائيندي سنڌ جي عوام کي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي مبارڪون ڏنيون.

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)”ڀوتارڪو نظام نامنظور“روزاني عوامي آواز جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ ثقافت ڏهاڙي تي ريليون،سنڌ ڌرتي کي سردارن، ڀوتارن مان آجو ڪرائڻ جو عزم خبر موجب ڪوٽڙي ۾ عوامي آواز جي سڏ تي سنڌ جو نعرو ڀوتارڪي نظام کان ڇوٽڪارو واري نعري تي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو ڀوتارڪو نظام نامنظور ڪئنال سمورا نامنظور جا زور دار نعرا هنيا ويا،پيپلزپارٽي ، ايس يو پي ، جسقم ، سنڌ ترقي پسند پارٽي قومي عوامي تحريڪ ، سنڌي ادبي سنگت ڄامشورو ، پ ٽي الف گسٽا ، ڄامشورو سڄاڳ فورم  ۽ ٻين پاران ريليون ڪڍيون ويون، ثقافتي اسٽيج تي سنڌ جي نالي وارن قومي راڳين  احمد مغل جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا گيت ڳايو ته نوجوان جھمريون ھڻڻ لڳا ، فضا ماروي گروپ  ”جيڪو سچ انهي کان سڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي“ استاد علي مراد  جتوئي”جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا“  ڳائي ماڻهن کي گرمائي ڇڏيو هما علي سميرا، نمرا ۽ ٻين راڳين ،قومي ۽ ثقافتي  گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو،مزاحيا فنڪار  قادربخش مٺو مزاحيا ٽوٽڪا ٻڌائي کيرو ڪري ڇڏيو ، ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪلب اڳيان مک تقريب سجائي وئي عوامي آوازسان ڳالهائيندي جسقم جي والي ڏنوسنڌي، حفيظ سنڌي، ڪيو اي ٽي جي سجاد بروهي، فدا مھمداڻي، ايس ٽي پي جي اڪرم باجڪاڻي، جيوڻ سبزوئي، ايس يوپي جي ظريت، ساگربجاراڻي، والي محمدسهرياڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي ڀوتارڪي نظام وڏو نقصان ڏنو آهي،صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀوتارن شهيد ڪرايو هوڏانهن عوامي آواز ميڊيا گروپ طرفان اعلانيل ”سرداري نظام کان ڇٽڪاري“ جي سري ھيٺ عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو ثقافتي تقريب منعقد ٿي پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، حاجي حسين منڱريو، ليکراج مالھي جي اڳواڻي ۾ راما پير چوڪ کان مختلف چوڪن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پُھتي جتي ريلي دوران خطاب ڪندي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي چيو ته سرداري نظام جي ڪري سنڌ جو عوام پنھنجي حقن جي حاصلات کان محروم آھي شھيد نصر الله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جي قاتلن جا پيرا به انھن سردارن ڏانھن وڃن ٿا ۽ آزاد صحافت جي آواز کي دٻائڻ ۾ سردارن جا ھٿ آھن ايس يو پي اڳواڻ گل بجير چيو ته عوامي آواز ھميشه سنڌ جي ٻرندڙ اشوز کي ڀرپور ڪوريج ڏيئي اعلي ايوانن تائين مظلوم ماڻھن جو آواز پُھچايو آھي سماجي اڳواڻ وڪيل محمد بخش ڪنڀر عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ معدنيات سان مالا مال آھي ٿر مان نڪرندڙ ڪارو سون ڪوئلو سنڌ ۽ ٿر جي تقدير بدلائي سگھي ٿو اڄ ثقافت جي ڏھاڙي تي سنڌ جي عوام کي پيغام آھي ته پنھنجي نياڻين ۽ اولاد کي ڪھڙو به مشڪل وقت ھجي پر ڪوشش ڪري تعليم ڏياريو ايس ٽي پي اڳواڻ ميھار بنگلاڻي چيو ته اسان کي سنڌ جي عوام ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻي پوندي تقريب ۾ سرڪاري توڙي پرائيوٽ مختلف اسڪولن گورنمينٽ ھاء اسڪول ون ۽ ٽو، برائيٽ فيوچر پبلڪ اسڪول، اسڪالر پبلڪ اسڪول، ايمن پبلڪ اسڪول، ڪلاسڪ پبلڪ اسڪول سميت ڪاليجن جي استادن، شاگردن، سماجي حلقن، شھرين، صحافين، مختلف سياسي جماعتن، قومپرست اڳواڻن، شاعرن، اديبن ثقافتي لباس پائي سنڌي گيتن تي جمھريون ھنيون نوابشاھ ۾ به سنڌي ثقافت جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، سيد مهدي شاھ، سيد مقبول شاھ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافتي پروگرام ڪري پنهنجي ثقافتي عيد ملهائيندا رهنداسين، ان موقعي تي ريلين ۾ شريڪ نوجوان  جيئي سنڌ، سنڌ وارا جيئن جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻڻ سان گڏوگڏ ثقافتي ڪلامن تي جهومندا رهيا،جڏهن ته ميرپورخاص پنهنجي جذبن، احساسن سنڌ امڙ سان بي پناهه عشق واري جذبي سان سرشار ٿي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو سج اڀرڻ شرط  مختلف سماجي، سياسي، علمي، ادبي قومپرست مذھبي جماعتن، مختلف برادرين پاران ريليون ڪڍي مٿي تي تجلا تجلا ڪاون  واريون ٽوپيون پهري ڪلهن تي ڦلڙين واريون اجرڪون لنگيون ۽ محراب واريون سنڌي ٽوپيون  پائي وڏي جوش ۽ جذبي سان ميرپورخاص پريس ڪلب آڏو قومي ۽ لوڪ گيتن تي رقص ڪندا رهيا ٻئي پاسي لاڙڪاڻي قائد عوام پريس ڪلب طرفان روزاني عوامي آواز ميڊيا گروپ لاڙڪاڻو شھيد بينظير ڀٽو پريس ڪلب لاڙڪاڻو سٽي پريس ڪلب لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽ آرگنائيزيشن سنڌ جي سڏ تي ڀوتارڪو نظام جي ڇوٽڪارو جي عنوان سان سنڌ جي ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو عوامي آواز ميڊيا گروپ لاڙڪاڻو جي بيورو رپورٽ عبدالوحيد ابڙو صحافي محمد نواز عمراڻي پيارو علي چانڊيو، عبدالھادي ڀنگر، دلبر شاھد ابڙو، جگھير چنا، سرائي فراز شيخ، نظير احمد ميمڻ، حاجن ڪوريجو، ڪريم بخش تنيو، حسين بخش ابڙو، لالا عبدالرحمان تنيو، عجب گل  موسيٰ مستوئي، غلام عباس عمراڻي، رميز شيخ، عمران دايو، مهربان ابڙو، مجاھد ميراڻي، ساجد علي شيخ، اڪبر سنڌي، سماجي تنظيم جي اڳواڻ حافظ گل حسن جتوئي، صمد ڀٽي، ڊاڪٽر نبي ڏنو بليدي، نادر مگسي، آصف علي جوڻيجو زخمي حفيظ چانڊيو چيو ته 6 ڪئنال قبول ناھن ،سرداري نظام مان جان ڇڏائڻي پوندي شهدادڪوٽ ۾ به ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو،ان حوالي سان مرڪزي ريلي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ۽ عوامي آواز جي رپورٽر رفيق ڀٽي،غني مجاهد،صدام سولنگي، عدنان ڀٽي، ڪامريڊ امير مڱڻهار، شاهد اعواڻ، ساجد کرل جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي اڳواڻن چيو ته عوامي آواز ميڊيا گروپ کي جس هجي جنهن ڀوتارڪي نظام خلاف نعرو هنيو آهي، عوامي آواز هميشه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ آواز اٿاريو آهي اهو ئي سبب آهي جو مظلوم ماڻهو عوامي آواز کي پنهنجي دردن جو درمان سمجهندا آهن، سکر ۾ به سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، سماجي ۽ سياسي تنظيمن سميت شهرين پاران ريليون ڪڍيون ويون،جيڪب آباد ۾ جسقم بشير خان قريشي گروپ پاران  وارث جکراڻي, وحيد بروھي,عزيز سيال جي اڳواڻي ۾ آل پاڪستان سومرا اتحاد پاران حاجي گل حسن سومرو جي اڳواڻي ۾ جسقم آريسر گروپ پاران عديل انڙ جي اڳواڻي ۾ عوامي پارٽي پاران دلمراد لاشاري شاهه محمد لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون ڪارڪنن قومي گيتن تي جهمريون هنيون اڳواڻن چيو ته  هڪ سازش تحت سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو واقعو ان جي ڪڙي آهي پر سنڌ واسين ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين ٻئي پاسي حيدرآباد، سانگهڙ، مٺي، ٽنڊي الهيار،ٽنڊي محمدخان، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ،قمبر شهدادڪوٽ، ڄامشوري، دادو، ٺٽي، سجاول، بدين ضلعن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافت ڏهاڙي جون ريليون ڪڍي جشن ملهايو ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.