آمريڪي قونصل خاني پاران سنڌ واسين کي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون

ڪراچي(رپورٽر) آمريڪي قونصل خاني سنڌ واسين کي ثقافتي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون آهي. جاري ڪيل وڊيو ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي شاهوڪار ثقافت توڙي رواداري سان ڀرپور روايتن کي مان ڏيڻ جي گهڙي اچي وئي آهي، سنڌ اها ڌرتي آهي، جنهن جي صوفين، شاعرن ۽ سنتن هر قوم توڙي نسل کي اُتساهه ڏنو آهي. صوفين جي ڏسيل لازوال واٽ کان ثقافت ۽ گوناگون مذهبي احترام تائين، سنڌ ڌرتي اتحاد، پاڻ ۾ پرامن لاڳاپن ۽ سهپ جي جذبي جو مظهر آهي. ڪراچي ۾ قائم آمريڪي قونصل خانو هِن خاص ڏهاڙي جي خوشي ملهائڻ ۾ بهرو وٺندي سنڌ توڙي پاڪستان جي عوام کي امن، آسودگي ۽ خوشين جون واڌايون ڏيندي فخر محسوس ڪري ٿو. اوهان سڀني کي سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو مبارڪ هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.