”سرداري نظام مان جند ڇڏائڻ ضروري“جيڪب آباد ۾ نعرا

جيڪب آباد(حضور بخش سومرو) جيڪب آباد ثقافتي رنگن سان رڱجي ويو. هر طرف ٽوپي اجرڪ جو راڄ. شهر توڙي ٻهراڙي جي مختلف علائقن مان 20 کان مٿي ريليون جيڪب آباد پريس ڪلب  پهتيون. ثقافتي ڏھاڙي تي ڀوتارڪي نظام مان ڇوٽڪاري ۽ سنڌو دريا مان ڪينال نه ڪڍڻ جا نعرا به لڳندا رھيا. پريس ڪلب پتي پھتل ريلين ۾  آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن جي صدر حاجي گل حسن سومرو سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران عبدالنبي مگسي لاشاري برداري طرفان دلمراد خان لاشاري جي اڳواڻي ۾، جيئي سنڌ محاذ پاران بابر علي نويد احمد بروهيءَ ينگ  سومرا  اتحاد اپسا پاران آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن جي صدر حاجي گل حسن سومرو  جي اڳواڻي ۾ ريليون  مختلف هنڌن تان ٿيندي جيڪب آباد پريس ڪلب پهتيون،فنڪارن هوجمالو گيت تي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.