سنڌ  پنهنجي قديم تهذيب ۽ ثقافت جي ڪري خاص اهميت رکي ٿي: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) توانائي ۽ منصوبابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوفين جي سرزمين سنڌ پنهنجي قديم تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان منفرد حيثيت رکي ٿي، ڀائيچاري، باهمي رواداري، محبت، هڪٻئي جي خدمت جو جذبو سنڌ صوبي جي ثقافت جي خاصيت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو. سنڌ جي توانائي واري وزير سمورن پاڪستانين کي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ثقافتي ڏهاڙو اسان جي روايتن کي برقرار رکڻ جو ڏينهن آهي، ٽوپي اجرڪ جو ڏهاڙو ڀائيچاري، اتحاد ۽ امن جو پيغام آهي، ناصر شاهه چيو ته سنڌ جي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌي ثقافت اسان جي بهترين روايتن جو مظهر آهي، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن اسان لاءِ عزت ۽ وقار جي علامت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.