نيو يارڪ ۾ سانا پاران ٽائمز اسڪوائر تي ثقافتي ميلو، قومي گيتن تي جهمريون

نيو يارڪ (پ ر) سڄي دنيا جي ملڪن جي ماڻهن جي ماڳ ۽ آمريڪا جي معاشي مرڪز نيو يارڪ شهر ۽ رياست ۾ رهندڙ سنڌين  گڏجي سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو. شهر جي دل ٽائمز اسڪوائر تي سنڌين جو ميلو مچي ويو. سنڌي ايسوسيئيشن آڦ نارٿ آمريڪا (سانا) نيو يارڪ چيپٽر پاران 30 نومبر جي شام ملهايل ميلي ۾ ڪو آرڊينيٽر ڪاشف جلباڻي ۽ جنرل سيڪريٽري رمضان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سنڌي ثقافتي ويس وڳا، اجرڪ اوڍي، سنڌي ٽوپي پهري وڏي انگ ۾ سنڌي شريڪ ٿيا. ٽائمز اسڪوائر تي جڏهن سنڌين سنڌي قومي گيت اسپيڪر تي هلائي جهمريون پاتيون ته اتي ايندڙ هر رنگ نسل جي ماڻهن به پاڻ کي ان ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي گيتن ۽ هو جمالو جي ڌنن تي جهمريون هنيون. سانا نيو يارڪ چيپٽر هن سال جو ثقافتي ڏهاڙو مذهبي انتهاپسندي نامنظور جي نعري هيٺ ملهايو. سانا جي اڳواڻن ڪاشف جلباڻي ۽ رمضان چانڊيو ثقافتي ميلي کي خطاب ڪندي چيو ته ثقافت ۽ ٻولي قومن جي سڃاڻپ هونديون آهن. اسان ڀلي سنڌ کان پري پرڏيهه ۾ رهون پر سنڌ سدائين اسان جي جسم ۽ روح ۾ سمايل آهي. آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ايندڙ نسل، مستقبل جي معمارن ذريعي پنهنجي ڌرتي جي ٻولي سان ڳانڍاپو جاري رکندا. هنن چيو ته هڪ سوچي سمجهي سازش تحت سنڌ ۾ طاقتور ڌريون مذهبي انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي رهيون آهن پر سنڌ جا ماڻهو پنهنجي رواداري واري سوچ تحت ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ واري پاليسي تحت سڀني مذهبن جي احترام ۽ انسانيت اتم آهي واري اصول کي ڪڏهن نه ڇڏيندا. سانا اڳواڻن سنڌ کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري مارڻ واري وفاقي حڪومت جي منصوبن جي مذمت ڪندي سنڌو درياهه مان پنجاب لاءِ ڪئنال ڪڍڻ وارين رٿائن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. سنڌين جي ثقافتي ميلي ۾ سانا نيو يارڪ چيپٽر جي خزانچي حميد چانڊيو، شوڪت زرداري، شهادت ملاح، غلام نبي انڙ، عامر سنڌي، محمد علي ڪوريجو، ذوالفقار ڪوريجو سميت ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.