سياسي ويڙهه کان هٿياربند ويڙهه ڏانهن وڌندڙ پي ٽي آءِ

تحرير: غلام حسين لغاري

     اطلاع آهن ته ڊي چوڪ سانحي بعد پاڪستان ۾ پئدا ٿيل سياسي ڇڪتاڻ ۽ معاشي بحران جي حل لاءِ حڪومتي سطح تي سعودي عرب قطر ۽ ٻين عرب ملڪن جي معرفت آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن سان  رابطن جو هڪ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن لاءِ حڪومتي اڳواڻن جا سڌي ۽ اڻ سڌي طرح رابطا جاري آهن.جڏهن کان عمران خان جي آزادي لاءِ عالمي دٻاءِ پيو آهي تڏهن کان ئي اهڙن رابطن جو سلسلو اڳ ۾ ئي شروع ٿيو هو جنهن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ طاقتور ڌرين سعودي عرب جو دورو ڪري اتان جي ولي عهد شهزادي بن سليمان سان ون ٽو ون ملاقات ڪري ملڪي سياسي ۽ معاشي حالتن کان آگاهه ڪيو هو.

جڏهن ته ڊي چوڪ سانحي بعد  وزير عرب ملڪن جا دورا به ڪري رهيا آهن جنهن ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جو دبئي وارو تازو دورو به ان قسم جي هڪ ڪڙي ٻڌايو پيو وڃي جيڪو بظاهر ته ڪرڪيٽ عالمي مئچن بابت هو پر ان دوري جو خاص مقصد ڊي چوڪ سانحي بابت حڪومتي موقف پرڏيهي اڳواڻن سان شيئر ڪرڻ به هو جو اسلامي دنيا اندر سانحي جي اها وڊيو وائرل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ هڪ مظاهري ۾ شامل هڪ شخص کي نماز پڙهڻ دوران رينجرس ڪنٽينر تان ڌڪو ڏئي ماريو يا زخمي ڪيو هو.ڊي چوڪ سانحي بعد وزيراعظم شهباز شريف به انتهائي سرگرم ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ۽ تيزي سان وضاحتون پيو پيش ڪري. مختلف تقريبن توڙي پنهنجي ذاتي پيغامن وسيلي هن پي ٽي آءِ مخالف حقيقتون بيان ڪيون آهن جنهن ۾ هن پي ٽي آءِ کي وڳوڙي ۽ دهشتگرد ٽولو سڏيندي پنجاب مٿان حملا آور ٿيڻ جو الزام هڻندي چيائين ته پي ٽي آءِ 26 نومبر تي نائين مئي جهڙو واقعو برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پي ٽي آءِ وڳوڙي ۽ دهشتگرد ٽولو آهي يا نه اها الڳ ڳالهه آهي پر سختين بندشن ۽ کائنس چونڊ نشان کسڻ جي باوجود هن ٽولي فيبروري 2024 جي عام چونڊن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي بقول پي ٽي آءِ جي جيڪڏهن فارم 47 واري راند نه کيڏي وڃي ها ته پي ٽي آءِ اقتدار ماڻڻ جي پوزيشن ۾ هئي. هنن چونڊن ۾ ن ليگ ۽ پ پ پ جا وڏا وڏا بت پنجاب توڙي ڪي پي ڪي ۾ شڪست کائي ويٺا هئا جن کي بعد ۾ فارم 47 وسيلي اسيمبلين تائين پهچائي فارم 47 واري حڪومت ٺهرائي وئي جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ سياسي ممڻ متل آهي.وزيراعظم هاڻ ته وفاقي ٽاسڪ جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن وسيلي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروايون ڪيون وينديون.

حڪومت عالمي اقتداري ڌرين سان رابطا ڪهڙي مقصد سان ڪري رهي آهي ۽ انهن کان ڪهڙو رليف وٺڻ چاهي ٿي ۽ ڇا اهو رليف کيس ملي سگهندو به يا نه.سياسي ۽ صحافي حلقن موجب حڪومت 26 نومبر جي ڊي چوڪ تي پي ٽي آءِ خلاف جنهن انداز ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪندي مڊنائٽ آپريشن ڪيو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مظاهرين شهيد يا زخمي ٿيا تنهن پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ حڪومت عالمي سطح تي وائکي ٿي چڪي آهي.ڊي چوڪ پرتشدد واقعي ۾ ٿيل قتل عام ۽ ان جي رپورٽنگ ڪرڻ تي برک صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ تي پوري دنيا ۾ غم و غصو پئدا ٿيل آهي خاص ڪري آمريڪا برطانيه ڪئناڊا آسٽريليا سميت مختلف ملڪن جي پارليامينٽيرن ۽ جمهوري و انساني حقن جي تنظيمن ادارن ڊي چوڪ سانحي جي نه صرف مذمت ڪئي آهي پر پي ٽي آءِ سربراهه اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جيڪو ٻن سالن کان قيد جون صعوبتون برداشت ڪري رهيو آهي ان جي پوري ريت حفاظت ڪرڻ ۽ آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.انهي مطالبي حڪمرانن کي لوڏي ڇڏيو آهي ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته عمران خان مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار  ڪئي وڃي. حڪومت کي هاڻ اهو به ڊپ آهي ته ڪٿي اها وقت کان اڳ هلي ته نه ويندي ۽ اهي آثار به آهن ته پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي انتشار جو حل صرف ئي صرف نيون چونڊون آهن جن لاءِ جي يو آءِ جماعت اسلامي ۽ ٻيون پارٽيون به زور ڀري رهيون آهن پر طاقتورن کي ڪجهه ضمانتن ملڻ جو انتظار آهي.

ڊي چوڪ واقعي بعد پي ٽي آءِ ۽ عمران خان خلاف الزامن جي بوڇاڙ ۽ نون ڪيسن داخل ڪرڻ جي ڀرمار جاري آهي ۽ جيڪي اطلاع آهن ته عمران خان اڊيالا جيل ۾ نيو ٽائون اسلام آباد پوليس جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي جنهن بعد کيس هڪ سيل ۾ رکيو ويو آهي جنهن ۾ بدبودار ڪيميڪلز جي اسپري ڪرائي وئي آهي جنهن سان سندس جان کي خطرو درپيش آهي.ڪجهه ميڊيا ذريعا عمران خان جي اڊيالا کان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقلي واريون خبرون ڏنيون آهن. ڊي چوڪ سانحي ۽ عمران خان جي جيل ۾  جنهن طريقي سان تشدد ٿي رهيو آهي يا کيس اذيتون ملن پيون ان تي ملڪ جي سياسي قيادت خاموش آهي سواءِ جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي جي سربراهن جي باقي  سياسي قيادت جو ڪو به اهڙو واضح بيان سامهون ناهي آيو اڃا به پي ٽي آءِ تي بندش وجهڻ گورنر راڄ لڳائڻ ۽ بغاوت جا ڪيس هلائڻ جا سانباها ۽ صلاح مشورا پيا ٿين پر پ پ پ نٿو لڳي ته حڪومت جو ساٿ ڏئي بلاول ڀٽو جو به هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن سياسي استحڪام لاءِ ڊائلاگ تي زور ڀريو آهي ٻي حالت ۾ ڏنڊي ڦيرائڻ جو چئي ڇڏيو آهي.

آصفه ڀٽو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اڊيالا جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ سربراهه کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته عمران خان جيل اندر ڪنهن خوفناڪ مصيبت ۾ آهي.آصفه ڀٽو جي اهڙي بيان کي به معمولي نه سمجهڻ گهرجي اهو سندس ذاتي بيان آهي يا پارٽي موقف ان جو پتو اڳتي هلي پوندو.

عالمي دٻاءِ پنهنجي جاءِ تي پر ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل اسيمبلي ميمبرن ڊي چوڪ سانحي کانپوءِ جنهن انداز ۾ پنهنجو ردعمل ڏيکاريو آهي تنهن ڪري به حڪومت هاڻ گهٻراهٽ جو شڪار آهي ۽ سياسي ڇڪتاڻ مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ گهٽ گهيڙ پئي ڳولي ۽ اهي امڪان آهن ته حڪومت پي ٽي آءِ کي ڳالهين تي آمادهه ڪري ان کي مصروف رکي ۽ عالمي سطح تي اهو تاثر پئدا ڪري ته ملڪ ۾ سياسي ماحول بهتري طرف وڃي رهيو آهي پر اهو به تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو جڏهن حڪومت عمران خان تي داخل سمورا ڪيس واپس وٺي ۽ کيس آزاد ڪري پر في الحال اهو به ممڪن ناهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي ڏنل بيان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ هاڻ ڪنهن سخت جوابي محاذ آرائي طرف وڃڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪو هلندڙ مهيني دوران ئي ڪنهن به وقت احتجاجي ڪال ڏئي سگهي ٿي. صرف عمران خان جي اجازت جو انتظار باقي آهي .عمران خان سان ملاقاتن تي به بندش آهي جڏهن عدالتون ملاقات جي ٻيهر اجازت ڏين ۽ ان جو ڪو واضح پيغام يا ردعمل سامهون اچي.علي امين گنڊاپور جنهن انداز ۾ جواب ڏنو آهي تنهن مان لڳي ٿو ته هن ڀيري مظاهرين کي به هٿياربند ڪيو ويندو جنهن جو هن اشارو ڏنو آهي ته وٽن پئسا به آهن ته هٿيار به آهن.خدا نه ڪري ڪو خوني احتجاج ٿئي ٿو يا ڌرڻو لڳي ٿو ته ان جا هن ڀيري خونخوار نتيجا نڪري سگهن ٿا پر عمران خان ڪنهن به صورت ۾ خوني احتجاج جي اجازت نه ڏيندو جنهن سان ملڪ ڪنهن خون خرابي طرف هليو وڃي هو سياسي مسئلا سياسي ۽ جمهوري انداز ۾ حل ڪرڻ جو حامي آهي.

علي امين گنڊاپور کي بحيثيت وڏي وزير جي خون خرابي يا نفرتن تي ٻڌل ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن ۽ پنهنجي منصب جو کيس احترام ڪرڻ گهرجي.حڪومت ۽ ان جي وزيرن پي ٽي آءِ خلاف جنهن نموني سختي ڪرڻ جا بيان ڏنا آهن يا پارٽي تي بندش وجهڻ ۽ گورنر راڄ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي تنهن سان به عالمي سطح تي ان جا ناڪاري اثر پوندا ۽ پي ٽي لاءِ عوام جون همدرديون پئدا ٿينديون.ملڪي ۽ غير ملڪي تنظيمون ۽ صحافي ڊي چوڪ واقعي جا تفصيل گڏ ڪرڻ ۾ مصروف آهن جنهن سان به ملڪ ۽ حڪومت تي ناڪاري اثر پوندا.ڪي پي ڪي صوبو جيڪو اڳ ۾ ئي انتشار ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي اتي گورنر راڄ لڳائڻ سان لاقانونيت وڌندي پر ختم نه ٿيندي خود گورنر راڄ کي جاري رکڻ مسئلو ٿي پوندو تنهن ڪري اهڙي غير جمهوري سوچ طرف نه وڃڻ گهرجي بهتر اهو ٿيندو جو سياسي مسئلا جمهوري انداز ۾ حل ٿيڻ گهرجن جنهن لاءِ ڌريون سهپ جو مظاهرو ڪن ملڪ کي انا ۽ انتقامي ڪاررواين طرف نه ڌڪيو وڃي جنهن جا وڌيڪ منفي اثر پون.

علي امين گنڊاپور جنهن انداز ۾ جواب ڏنو آهي تنهن مان لڳي ٿو ته هن ڀيري مظاهرين کي به هٿياربند ڪيو ويندو جنهن جو هن اشارو ڏنو آهي ته وٽن پئسا به آهن ته هٿيار به آهن.خدا نه ڪري ڪو خوني احتجاج ٿئي ٿو يا ڌرڻو لڳي ٿو ته ان جا هن ڀيري خونخوار نتيجا نڪري سگهن ٿا پر عمران خان ڪنهن به صورت ۾ خوني احتجاج جي اجازت نه ڏيندو جنهن سان ملڪ ڪنهن خون خرابي طرف هليو وڃي هو سياسي مسئلا سياسي ۽ جمهوري انداز ۾ حل ڪرڻ جو حامي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.