سياسي پارٽي تي پابندي ۽ گورنر راڄ مسئلي جو حل ناهي: رضا رباني

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رضا رباني صحافي مطيع الله جان جي گرفتاري کي بناجواز قرار ڏيندي چيو آهي ته مٿس لڳايل الزام هڪ مذاق آهن، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن سينيئر صحافي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته وفاقي پارلياماني نظام جي اصل روح جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ آهي، راءِ جو اظهار ۽ احتجاج ڪرڻ آئين ۾ ڏنل بنيادي حق آهي پر احتجاج قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، هي حق ڪنهن سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ تشدد جو جواز نٿو ٿي سگهي،  رياست جي رٽ لاڳو ڪرڻ کانپوءِ حڪومت کي سياسي ڳالهين طرف وڌڻ گهرجي، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي، ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ ڪو به حل ناهي اها ڪنهن ٻئي نالي سان وجود ۾ اچي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.