پي ٽي آءِ جو شو فلاپ ٿي ويو، ٽن منٽن ۾ ڀڄي ويا: ناصر شاهه

سکر (رپورٽ: آزاد مهر) توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته انارڪي گروپ جو ڪم ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، هي ماڻهو ٽن ڏينهن ۾ اسلام آباد پهچي ويا ۽ ٽن منٽن ۾ فرار ٿي ويا. اهو فلاپ شو هو، اهي پنهنجي ليڊر کي ڇڏائڻ آيا،  ڪارڪنن کي گرفتار ڪرائي ڀڄي ويا. پي ٽي آءِ باني کي رڳو عدالتن مان ئي رليف ملي سگهي ٿو، راڄڌاني تي حملو ڪرڻ ۽ دفنائڻ جي ڳالهه ڪرڻ سان ڪو حل نه نڪرندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر پريس ڪلب ۾ منعقد ڪيل پنهنجي سالگرهه جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب ۾ اڳوڻو ضلعي ڪائونسل سکر جو چيئر مين سردار تقي ڌاريجو،ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ، وڪيل اڳواڻ شبير شر، قربان ملاڻو،پي ايف يو جئي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، سماجي اڳواڻ شائستاکوسو، پيپلزپارٽي جي ٽائون چيئرمين، سکر روهڙي جي ڪارڪنن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،سکر پريس ڪلب صدر آصف ظهير لوڌي، صدر ايس يو جئي امداد بوزدار ۽ ٻين پڻ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو جنهن بعد سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا تاثر ڏئي رهيا آهن ته عمران خان جيل مان آزاد ٿيندو ۽ وزير اعظم هائوس وڃي حلف کڻندو، پر ڪجهه به نه ٿيو.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ايس اي اي پي جي آفيس کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس اي اي پي  جي آفيس کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت اهو فيصلو سوسائٽي آف ايئر ڪرافٽ انجنيئرز پاڪستان جي داخل درخواست تي ٻڌايوآهي.عدالتي فيصلي کانپوءِ وائيڊ باڊي هنگر  پارڪنگ ايريا، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ڪراچي ۾ موجود آفيسون کلي وينديون.هن آفيس کي پي آءِ اي انتظاميا 6 نومبر 2024 تي بغير ڪنهن  اطلاع تي  سيل ڪيو هو، سوسائٽي جي وڪيل چيو ته ايس اي اي پي جي آفيس کي سيل ڪرڻ سراسر ناانصافي ۽ غير قانوني عمل آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اهڙي غير ضروري ڪارروائي سبب  ايس اي اي پي کي پنهنجي معاملن ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. سيل ٿيل ايس اي اي پي آفيس کي ڊي سيل ڪيو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.