لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو بنياد 2024ع ۾ ووٽن جي چوري سان پيو، اسلام آباد ۾ پرتشدد واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جي يو آءِ هميشه پرتشدد سياست جي خلاف رهي آهي، ادارن کي چونڊ عمل کان لاتعلق رهڻ گهرجي، ماڻهن جي سوچ ٻي آهي ۽ نتيجا ڪجهه ٻيا هجن، اها ڳالهه قبول ناهي، هن چيو ته سمورن انتظامن جي باوجود اهي ڊي چوڪ تي ڪيئن پهتا؟ ڇا انهن کي ڊي چوڪ تائين پهچڻ جو رستو ڏنو ويو هو؟ پاڪستان ۾ فسادن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن به سطح جي حڪومت ناهي، ڪي پي ڪي حڪومت کي خبر ناهي ته پاراچنار ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟، جيڪڏهن پي ٽي آءِ رابطي ۾ رهي ته ان لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو.