حڪومت ۽ پي ٽي آءِ بامقصد ڳالهيون ڪن: ايڇ آر سي پي

لاهور(م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان چيو آهي ته مظاهرن ۾ انساني جانين جي زيان تي سياستدانن کي ڳڻتي نه هئڻ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي، قانون لاڳو ڪندڙ هجن يا سياسي ڪارڪن،ڪو به جاني نقصان ناقابل قبول هئڻ گهرجي، ايڇ آر سي پي چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن خاص طور تحريڪ انصاف ايوان م فوري ۽ بامقصد ڳالهيون ڪن،وقت اچي ويو آهي ته ڌريون ملڪ کي جمود تي آڻڻ بدران اڳتي وڌڻ جي پرامن رستي تي اتفاق ڪن،سياسي ڪارڪنن جي جذبن کي ڇيهو پهچائڻ کان به پاسو ڪيو وڃي،پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ روزي روٽي ڪمائڻ وارن جي آزادي پائمال نه ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.