لاهور(پ ر)امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سياسي ڪارڪن قوم جو سرمايو آهن، انهن خلاف طاقت جو انڌو استعمال ناقابل قبول آهي، رياست ۽ حڪومت طرفان مظاهرين تي حملو ملڪ جي آئين ۽ قانون تي حملو آهي،ايڪس تي تبصرو ڪندي هن چيو ته خوشامد ڪندڙ حڪومت پنهنجي بقا لاءِ ملڪ ۾ جمهوريت جي قبر کوٽيندي آمريت کي هٿي ڏئي رهي آهي، هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت 47 واري حڪومت آهي، مسلم ليگ ن، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم مسلط ڪئي وئي، ٽنهي حڪمران پارٽين کي عوام ۾ قبوليت ناهي، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ مڪمل زوال جو شڪار آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي مان هڪ سيٽ کٽي آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ بار بار ڪرپٽ پارٽين، جاگيردارن ۽ وڏيرن کي مسلط ڪيو ۽ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.