هاءِ ڪورٽ پاران پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ڀرتين تي پابندي هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ ۾ جسٽس ڪي ڪي آغا ،جسٽس عمرسيال ۽ جسٽس سليم جيسر تي  ٻڌل 3 رڪني بئنچ ۾سنڌ ۾ استادن جي ڀرتي جي پاليسي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.آئيني بئنچ سنڌ حڪومت کي پهريون وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ حڪومت جي درخواست تي آئيني بئنچ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتين تي پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.آئيني بئنچ سنڌ حڪومت کي صوبي ۾ استادن جي ڀرتين ۽ جوائنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي .ان کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف داخل درخواستن تي منع نامي جو حڪم نامو جاري ڪيو هو .جنهن ۾ سنڌ حڪومت کي استادن جي ڀرتين کان روڪي ڇڏيو هو .سنڌ حڪومت پنهنجي موقف ۾ چيو ته عدالتي پابندي سبب صوبي ۾ تعليمي نظام درهم برهم ٿي ويو، تعليمي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ استادن کي ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته هارڊ ايريا کي جواز بڻائي پنهنجن ماڻهن کي 33 مارڪن تي پاس ڪيو ويو آهي. درخواستگذار چيو ته سڄي سنڌ ۾ هڪ ئي قانون هجڻ گهرجي،  درخواستگذار جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ پي ايس ٽي، جي اي ايس ٽي اميدوارن کي 33 نمبرن تي پاس قرار ڏنو وڃي، قانون سڀ لاءِ برابر هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.