اسلام آبد (بيورو+ م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سٺي حڪمت عملي سان ڌرڻي جو خاتمو ڪيو ويو ۽ عوام کي سڪون مليو، اهي ڏڦيڙي ۽ ترقي جا دشمن آهن، اڄ کانپوءِ کين موقعو نه ڏنو ويندو . وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن ڀيري جڏهن بغاوت ٿي هئي ۽ اسلام آباد تي حملو ٿيو هو ته پاڪ فوج جي سپهه سالار مڪمل سهڪار ۽ مدد ڪئي هئي، جنهن هن ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. شهباز شريف جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف اهڙي نموني سان آهي جنهن ۾ هڪ روح ۽ ٻه جسم جيان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته اسان گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي هلنداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪي معيشت کي نقصان پهچايو ويو، احتجاج سبب ماڻهن تڪليف کي منهن ڏنو، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سخت فيصلا ڪيون، ڇو ته ملڪي ترقي، خوشحالي کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن روز جنگ جو ميدان لڳندو ته اسان بحالي ڏانهن وينداسين يا وري رڳو انهن تي پنهنجي توانائي خرچ ڪنداسين، هاڻ قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته احتجاج جي سياست جاري رکڻي آهي يا ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن 9 مئي جي جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ها ته هي ڏينهن نه ڏسون ها، هاڻ ڏڦيڙن ۽ ملڪ دشمنن کي وڌيڪ موقعو نه ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد پوليس، پنجاب پوليس ۽ رينجرز گڏجي نئين حملي کي شڪست ڏني. آرمي چيف وڳوڙين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو. حڪومت کي فسادين سان منهن ڏيڻ لاءِ انٽيليجنس ايجنسين جي مدد به حاصل هئي. شهباز شريف چيو ته ملڪ کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻو آهي يا روز ڌرڻن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. وزيراعظم چيو ته احتجاج سبب سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل ٿي ويون، جنهن سبب اربين رپين جو نقصان ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ هزارين پوائنٽون ڪري پئي. شهباز شريف چيو ته پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب ملڪي معيشت کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿيو. وزيراعظم چيو ته 2014ع کان اڳ اسلام آباد تي حملي جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته 2014 اهو بدقسمت سال هو جڏهن خطرناڪ قدم کنيا ويا. سندس چوڻ هو ته چيني صدر شي جن پنگ 2014ع ۾ سيپٽمبر جي مهيني ۾ دوري تي آيو هو پر ڊگهي ڌرڻي سبب هو نه آيو هو. شهباز شريف پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته هي ماڻهو پاڪستان جي ترقي جا مستقل دشمن بڻجي ويا آهن.