اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان بشريٰ بي بي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هن چيو ته شام ٿيندي ئي ڪنٽينر جون لائيٽون ۽ سائونڊ سسٽم ڇو بند ڪيو ويو؟ هن وڌيڪ چيو ته سائونڊ سسٽم ۽ لائٽ نه هجڻ سبب عوام کي مڪمل اونداهيءَ ۾ رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ نه ئي ڪا رهنمائي ڪئي وئي، اسان شام جو ئي ڪنٽينر تي لائٽ ۽ سائونڊ وڄائڻ جي درخواست ڪئي پر هدايتون ڏيڻ وارن ماڻهن طرفان ڪو به جواب نه آيو.