چارسدھ ( م ڊ) اي اين پي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آھي تھ اقتدار جي ڪرسي جا پوڄاري ڪارڪنن جي حياتين سان کيڏي رھيا آھن. چارسدھ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو تھ پي ٽي آئي جي اسلام آباد واري احتجاج ۾ پنجاب جي ڪارڪنن جي عدم شرڪت سواليھ نشان آھي ھن چيو تھ ڪارڪنن کي گرم ميدان ۾ ڇڏي قيادت فرار ٿي وئي پختون قوم کي اھو ٽولو پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪري رھيوآھي ھن وڌيڪ چيو تھ ڪي پي دھشتگردي جي لپيٽ ۾ آھي ۽ وزيراعليٰ گنڊاپور احتجاجي سياست ڪري رھيو آھي ۽ رياست کي رياست سان ويڙھائي رھيوآھي .
ھن چيو تھ مارجي ويل ڪارڪنن جي وارثن کي ھڪ ھڪ ڪروڙ ڏيڻ قانون جي خلاف آھي.
-
پارٽي کي قيادت هلائيندي يا بشريٰ بي بي؟ شوڪت يوسف زئي کي ڪاوڙ
پشاور(م ڊ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شوڪت يوسفزئي احتجاج جي آخري سڏ تي پارٽي قيادت تي مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. شوڪت يوسفزئي تصديق ڪئي ته بشريٰ بي بي ۽ ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور مانسهره ۾ آهن ۽ محفوظ آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته بئريسٽر گوهر ۽ سلمان اڪرم راجا ڪٿي هئا؟ شير افضل مروت به غير حاضر هو، جڏهن قيادت وٽ فيصلي جو اختيار ئي نه هو ته پوءِ ايترا ڪارڪنن کي ڇو آندا ويا؟ . شوڪت يوسفزئي وڌيڪ چيو ته خبر پئي ته حڪومت ڊي چوڪ ۾ فاشزم ڏيکاريندي، پارٽي اندر جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڊي چوڪ وڃڻ لاءِ ڇو چونڊيو ويو. هن سوال اٿاريو ته پارٽي کي قيادت هلائيندي يا بشريٰ بي بي؟ جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڳالهين لاءِ چيو ته اهي ڇو نه ڪيا ويا؟ حڪومت جي ڳالهين جي آڇ تي ڪا به صلاح ڇو نه ڪئي وئي؟