ڪراچي ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن پاران رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪراچي ( رپورٽر )  ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻن ملازمن پاران اربين رپين جا رهتون ادا نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. بلديه عظميٰ ڪراچي جي رٽائرڊ ملازمن ايم اي جناح روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين هٿن ۾ ڪارا ۽ ڳاڙها جهنڊا کڻي ڪي ايم سي جي مرڪزي عمارت ٻاهران چادر وڇائي ويھي رھيا ۽ ڇتي نعريبازي ڪئي. احتجاج سبب ايم اي جناح روڊ ۽ ڀرپاسي جي روڊن تي سخت ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 2017ع کان رٽائرڊ ٿيل ملازمن کي پينشن جي ادائيگين ۾ بي ضابطگين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته گذريل هڪ سال دوران رٽائرڊ ٿيل ملازمن کي پينشن به نه ڏني پئي وڃي. سجن يونين جي صدر ذوالفقار شاهه چيو ته صلاح مشوري کانپوءِ عارضي طور تي ڌرڻو ختم ڪيو، اڄ کان 25 ٽائونن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ٻن ڪلاڪن لاءِ هڙتال ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.