بلاويو (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا فاسٽ بالر شاهنواز ڏهاڻي ۽ احمد دانيال زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويا آهن.
احمد دانيال کي همسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽريننگ دوران ساڄي کُڙي ۾ ڌڪ لڳو آهي، ٻنهي جي جاءِ تي عباس آفريدي ۽ جهانداد خان کي پاڪستان اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
عباس آفريدي ۽ جهانداد خان بلاويو پهچي خميس تي سيريز جي فيصلائتي ميچ ۾ سليڪشن لاءِ دستياب هوندا، هو ٻئي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو آهن.
زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ احمد دانيال جي جاءِ تي عامر جمال کي ٽيم ۾شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انجري جي شڪار شاهنواز ڏاهاڻي ۽ احمد دانيال اڄ شام ڏيهه واپسيءَ لاءِ اُڏام ڀريندا.
ڏيهه واپسي تي ٻئي رانديگر لاهور ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رپورٽ ڪندا جتي هو بحالي واري عمل مان گذرندا.
You might also like