آءِ پي ايل: ڀارتي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ميچ فڪسنگ ۾ ملوث نڪتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) دنيا جي مهانگي ترين انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) جي باني للت مودي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي اڳوڻي سيڪريٽري تي سنگين الزام لڳائي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران آءِ پي ايل جي باني للت مودي انڪشاف ڪيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ چنائي سپر ڪنگز جي شريڪ مالڪ اين سري نواسن آءِ پي ايل ۾ پنهنجي فرنچائز کي فائدو پهچائڻ لاءِ ميچن ۾ ڪرپشن ڪئي.
للت مودي چيو ته آءِ پي ايل جي ٻئي ايڊيشن ۾ انگلش ڪرڪيٽر اينڊريو فلنٽاف کي پنهنجي ٽيم جو حصو بڻائڻ لاءِ چنائي سپر ڪنگز ڌانڌلي ڪئي هئي، جنهن جي تصديق ڪيئي اسپورٽس ادارا ڪري چڪا آهن.
للت مودي موجب، برطانوي اخبار دي گارجين ۽ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽس ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته سري نواسن اينڊريو فلنٽاف کي ڪنهن ٻي فرنچائز طرفان نه خريدڻ ۽ اهم مقابلن دوران چنائي جي مقامي امپائرز جي مقرري ۾ ملوث رهيو.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ پي ايل فڪسنگ ۾ ملوث هئڻ باوجود سري نواسن جي چنائي سپر ڪنگز ۾ 28.11 سيڪڙو ملڪيت برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.