نسيم جي پچر ڇڏڻ بعد اُروَشي جي وري پنت ڏانهن موٽ، وڊيو وائرل

ڀارتي ڪرڪيٽر رشڀ پنت جي اڳوڻي گرل فرينڊ ۽ بالي ووڊ اداڪارا اُروَشي روٽيلا وڪيٽ ڪيپر بيٽر جي نالي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا ۾ جاري بارڊر – گواسڪر ٽرافي لاءِ بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بيٽر لاءِ محبت ڀريو پيغام شيئر ڪيو جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
ويجهڙائي ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران ڳالهائيندي اداڪارا کان رشڀ پنت بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي هن کيس ” آل دي بيسٽ فار آسٽريليا “ جي هيش ٽيگ سان نوازيو.
رشڀ پنت آسٽريليا خلاف پهرين ميچ ۾ ذڪر جوڳي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو نه ڪري سگهيو، هو پهرين اننگز ۾ 37 جڏهن ته ٻي اننگز ۾ رڳو 5 رنسون ٺاهي سگهيو.
بارڊر گواسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ ۾ ڀارت آسٽريليا کي 295 رنسن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
واضح رهي ته اروشي روٽيلا پاڪستاني فاسٽ بالر نسيم شاهه لاءِ به وقت به وقت سوشل ميڊيا تي پوسٽون شيئر ڪندي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.