تيزيءَ سان وڌندڙ دل جي دوري جا خطرا گهٽائيندڙ بهترين ۽ سولو علاج!

اڄڪلهه گهڻي سڻڀ واريون شيون عام طور تي واپرايون پيون وڃن جنهن جي ڪري انسان جي صحت تي ڪيترائي ناڪاري اثر پون ٿا. تازو ئي ڪراچي ۾ صحت جي حوالي سان ٿيل هڪ تحقيق ۾ پڻ خطرناڪ انڪشاف ڪيا ويا آهن ته ڪراچي سميت ملڪ ۾ وڌندڙ دل جي دورن جو وڏو سبب سڻڀ وارين شين جو گهڻو استعمال آهي. اهڙي تحقيق کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن کي به پنهنجي صحت جو خيال رکڻو آهي ته انکي صحت لاءِ هاڃيڪار اهڙي سڻڀي شين کان مڪمل طور تي رَکَ ڪرڻي پوندي.

 پر ماهرن جي تازو ڪيل هڪ تحقيق اهڙي مسئلي جو شڪار ماڻهن لاءِ اتساهه بڻجي سگهي ٿي، جيڪي سڻڀ جي استعمال سبب ٿيل نقصانن کان بچي سگهن ٿا جڏهن ته انهن کي ذهني دٻاءَ گهٽ ڪرڻ ۾ به وڏي مدد ملندي.

صحت جي ماهرن هڪ تحقيق کانپوءِ چيو آهي ته فليونول سان ڀرپور ڪوڪوا چانهه ذهني دٻاءَ ۽ تمام گهڻي سڻڀ جي ناڪاري اثرن کان جسم جي رڳن کي محفوظ ڪري سگهي ٿي.

ڪوڪوا ۽ پتن واري چانهه ۾ ججهي مقدار ۾ موجود فليونول مرڪب روزاني جي ذهني دٻاءَ ۾ رڳن جي نظام کي بهترين تحفظ ڏئي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.