صحت جي ماهرن پاران تيز پڪل کاڌن جا هن وقت تائين ڪيترائي نقصان ٻڌايا ويا آهن، تازو ئي ڪراچي جي مخصوص حدن اندر ڪيل تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته وڌندڙ دل جي دورن جو سبب برگر، فاسٽ فوڊز، فنگر چپس ۽ پيزا وغيره آهن، ماهرن جي ٽيم شهرين کي سختي سان اها تبنيهه ڪئي هئي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي دل جي صحت بهتر چاهيو ٿا ته توهان کي ٻاهرين کاڌن مطلب تيز پڪل کاڌن کان پرهيز ڪرڻي پوندي. پر تازو ئي ٿيل هڪ تحقيق ۾ اهڙي قسم جي تيز پڪل کاڌن جو وري نئون نقصان به ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪو پڻ ڳڻتي جوڳو آهي.
ٻاويهه هزار ماڻهن کان مٿي ڪيل تحقيق مان خبر پئي آهي ته تيز پڪل کاڌن جو سڌيءَ ريت تعلق عمر ۾ تيزي سان واڌ سان جڙيل آهي. مطلب اهو ٿيو ته تيز پڪل کاڌا ماڻهوءَ کي تڪڙي پوڙهو ڪندا آهن.
اٽلي جي يونيورسٽي آف ڪيسامسيما جي ماهرن اهڙي تحقيق ڪئي آهي جنهن مان انهن کي خبر پئي آهي ته تيز پڪل کاڌا عمر ۾ تيزي سان واڌ سان جڙيل آهن.
ان سان گڏ تيز پڪل کاڌن ۾ رڳو پيڪٽ واريون شيون، جهڙوڪ اسنيڪس يا وري مٺا شربت ئي شامل ناهن پر ظاهري طور تي نقصانڪار نظر نه ايندڙ شيون بريڊ، فروٽ يوگرٽ، ناشتي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه ڪڇ ۽ ٻيون اهڙيون شيون جن کي گوشت جي متبادل طور استعمال ڪيو وڃي.
اهڙا کاڌا ايڊيٽيوز ۽ پريزرويٽوز سان ڀرپور هوندا آهن پر انهن ۾ فائبر جو مقدار تمام گهٽ هوندو آهي جيڪو گلوڪوز ميٽابولزم ۽ پيٽ جي صحت تي اثر ڇڏي ٿو.
تحقيق ۾ حياتياتي عمر جي ماپ ڪرڻ لاءِ ٽيهه کان مٿي مختلف قسمن جي بائيومارڪرز جو استعمال ڪيو ويو، انهن ماڻهن جيڪي اهڙا کاڌا کائيندا هئا ۾ انهن جي حياتياتي عمر انهن جي تاريخي عمر کان وڌيڪ ڏٺي وئي.