بالي ووڊ کي الوداع چئي دهلي واپسيءَ جي ٽڪيٽ ڪٽائي ورتي هئي، شاهه رخ جو انڪشاف

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڪيريئر ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن هو هندي سئنما کي مڪمل طور الوداع چوڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ويجهڙ ۾ دبئي ۾ ڪوٺايل ٽئين گلوبل فريٽ سمٽ دوران شاهه رخ خان پنهنجي ڪيريئر سميت نجي زندگيءَ جي مختلف رخن تي ويچار ونڊيا.
ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن بابت ڳالهائيندي شاهه رخ خان ٻڌايو ته ” جڏهن مان سيٽ تي آيس ته مون کي لڳو ته هڪ بهترين اداڪار آهيان ۽ پوءِ ان سوچ وڌيڪ پراعتماد بڻايو پر بعد ۾ احساس ٿيو ته سيٽ تي موجود هر شخص مون کان بهتر ادڪاري ڪرڻ ڄاڻي ٿو.“
پنهنجي ڳالهه جاري رکندي شاهه رخ خان بالي ووڊ کي الوداع چوڻ واري فيصلي کي ياد ڪندي چيو ته ان کانپوءِ هن دهلي واپسي جي پهرين فلائيٽ بُڪ ڪرائي ورتي.
سندس چوڻ هو ته کيس اڄ به ياد آهي ته ان وقت انٽرنيشنل فلائيٽ پنجويهه سيڪڙو سستي هوندي هئي ڇو ته هو ان کان مهانگي ٻي فلائيٽ افورڊ نه پئي ڪري سگهيو.
بالي ووڊ بادشاهه انڪشاف ڪندي چيو ته ان کانپوءِ هو جلدي ايئرپورٽ پهتو، ٽڪيٽ خريد ڪئي، ڇو ته هو گهر وڃڻ چاهي پيو ۽ کيس احساس ٿي چڪو هو ته هو انتهائي بُرو اداڪار آهي.
شاهه رخ خان موجب، سندس لاءِ روزانو جاڳڻ رڳو ان ڳالهه جو احساس ڏياري ٿو ته اڃا گهڻو ڪجهه سکڻو آهي، ان کانپوءِ هر دفعي ۽ وري وري سکيو جنهن احساس ڏياريو ته هن ۾ ڪهڙي بُرائي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پنهنجي 35 سالا ڪيريئر دوران جڏهن به هو سيٽ تي ويو، کيس احساس ٿيو ته اڃا به گهڻو ڪجهه آهي جيڪو هن کي ڄاڻڻو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.