سٺو ساٿي ملڻ تي عمر جي پرواهه ڪرڻ بنا شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي: مريم نفيس

لاهور (ويب ڊيسڪ) مقبول اداڪارا مريم نفيس چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ عمر جي پرواهه ڪرڻ بنا سٺو ساٿي ملڻ تي شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي.
نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مريم نفيس چيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ اهو سکيو آهي ته هر ڪو دوست ناهي هوندو، هر ڪنهن سان مختلف لاڳاپا ٿي سگهن ٿا پر دوستي نٿي ٿي سگهي.
هن چيو لازمي ناهي ته گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهو به دوست هجن، اهي سٺا ڪم ڪندڙ ساٿي ٿي سگهن ٿا پر دوست نٿا ٿي سگهي، شوبز انڊسٽري ۾ هڪٻئي سان مخلصي واري ڪا ڳالهه ناهي، تصويرن ۽ وڊيوز ۾ رڳو ڏيکاءُ هوندو آهي، منهنجا شوبز انڊسٽري ۾ ڪجهه دوست آهن، اهي به شوبز ۾ اچڻ کان اڳ ئي دوست هئا.
شادي جي حوالي سان مريم نفيس چيو ته منهنجي خيال ۾ عمر جي پرواهه نه ڪجي، جيڪڏهن سٺو ساٿي ملي ٿو وڃي ته شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.