مرد دوکو ڏئي ٻي شادي ڪري ٿو، سزا سڄو خاندان ڀوڳي ٿو: حريم فاروق

لاهور (ويب ڊيسڪ ) من موهڻي اداڪارا حريم فاروق چيو آهي ته معاشري ۾ دوکو ڏئي ٻي شادي ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي.
اداڪارا حريم فاروق انٽرويوءَ دوران هڪ سوال جي جواب ڏيندي چيو ته معاشري ۾ اٽڪل هر ٻئي گهر ۾ ٻي شاديءَ جهڙا مسئلا موجود آهن.
اداڪارا موجب، اسلام ۾ ٻي شادي جي اجازت آهي، ڪير به ڪنهن کي ٻي شادي ڪرڻ کان نه ٿو روڪي سگهي پر دوکو ڏئي شادي ڪرڻ معمول بڻجي چڪو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ به اِهو ئي ٿي رهيو آهي مرد دوکي سان ٻي شادي ڪندو آهي جنهن جي سزا سڄي خاندان کي ڀوڳڻا پون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.