اسلام آباد(م ڊ) عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ٽي ماڙ ڪنٽينر لڳائڻ باوجود ماڻهو ته ڊي چوڪ پهچي ويا،هاڻي آپريشن ٿيو ته ڪنهن جي خلاف ڪندا؟هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪريڪ ڊائون ٿيا ته ڪاوڙ ۾ ڪي پي ۽ ٻين صوبن مان ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويندا،ڇا اهو معاملو اڄ ئي ختم ٿي ويندو،سڀاڻي وري ٿيندو،پرين وري ٿيندو،اپوزيشن کي ڀت سان لڳائيندو ته ظاهر آهي ان جو ردعمل به ايندو،ڪنٽينر لڳائڻ،روڊ بند ڪرڻ سڀ ناڪام ٿي ويو آهي،ان سڄي معاملي جو سياسي حل موجود آهي،جتي هڪ جماعت جي اڪثريت هجي اتي گورنر راڄ نٿا لڳائي سگهو