حيدرآباد(پ ر) اسلام آباد ۾ جاري ملاکڙو نئين ۽ پراڻي سامراج جي مفادن لاءِ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ملڪ يا فوج جي قيادت ۽ حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ هميشه سامراج کان اجازت حاصل ڪرڻي پوندي آهي،هاڻي آمريڪا جو ڪو نئون ٽاسڪ ۽ ان جي بدلي ڊالر نه پيا ملن انهيءَ ڪري پاڪستان تي حاڪم هٿياربند اشرافيا نئين سامراجي مرڪز کان ڊالر حاصل ڪرڻ لاءِ وفاداريون تبديلي ڪرڻ يا پراڻي سامراج جي توجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي، انهيء جي خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻي ۽ ملڪ خاص طور پختونخوا ۾ جنگ جون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن. اهي ڳالهيون ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي حيدرآباد ۾ پارٽي اجلاس کي خطاب ڪندي چيون،هن چيو ته مخالف ڌر ڪڏهن به مهانگائي بيروزگاري ۽ انهيء نتيجي ۾ غربت، مفلسي بک افلاس يا جبري گمشدگين ننڍين قومن جي استحصال، انهن تي ٿيندڙ جبر تي اسلام آباد تي چڙهائي ته پري لانگ مارچ به ناهي ڪيو. انهن ڪٺ پتلين جي حرڪتن سان انارڪي ته پيدا ٿي سگهي ٿي پر نظام نٿو بدلجي سگهي