خيرپور ڪاليج ۾ سائنسي تجربو ناڪام، ڌماڪي ۾ پروفيسر سميت 5 ڄڻا زخمي

خيرپور(رپورٽ:  مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج ۾ سائنسي تجربن دوران اچتو ڌماڪي ٿي پيو جنھن  جي نتيجي ۾ پروفيسر سميت 4 شاگرد زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور جي سپريئر سائنس ڪاليج ۾ ھڪ سائنسي تجربي دوران ليب ۾ اوچتو ڌماڪو ٿي پيو،  جنھن ۾ ھڪ پروفيسر امجد ميتلو سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ سول اسپتال خيرپور جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسسٽنٽ حبيب الله ۽ پروفيسر امجد ميتلو جي حالت خراب جن جو علاج هلندڙ آهي ھنن چيو ته زخمين جي منهن ۽ سيني تي زخمن سبب رت وهڻ جو سلسلو بند ناھي ٿي رهيو آهي جڏھن ته ڪاليج انتظاميه ٻڌايو ته پروفيسر ڪيمسٽري جي شاگردن کي ميزائل نما گاڏي جو تجربو ڪرائي رھيو ھيو ته اوچتو ڌماڪو ٿيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.