زمبابوي خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ صائم ايوب جو بيان سامهون اچي ويو

بلاويو (ويب ڊيسڪ) زمبابوي خلاف ٻي ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪندڙ نوجوان بيٽر صائم ايوب بهترين رانديگر جو ايوارڊ کٽڻ کانپوءِ ٽيم جي حڪمت عملي ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي روشني وڌي.
صحافين سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته اسان پهرين ميچ جو نتيجو وساري ڇڏيو هو، هن ميچ کي به وسارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڇو ته اسان حال تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ۽ هڪ وقت ۾ هڪ ميچ کي اهميت ڏئي رهيا آهيون.
پچ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ميچ ۾ بال گهڻو رڪجي اچي رهيو هو ۽ موسم به مختلف هئي، اڄوڪي پچ هڪ پاسي سست ۽ ٻئي پاسي بهتر هئي، محتاط رهڻ ضروري هو، مان سوچيو ته پنهنجا سمورا شاٽس استعمال نه ڪيان.
سندس چوڻ هو ته اسان هر قسم جي پچ لاءِ پريڪٽس ڪندا آهيون، رڳو هڪ مخصوص پچ لاءِ نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.