چنڊ جو ٽڪرو ڌرتيءَ کان ڏور ٿيندو پيو وڃي!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌرتي جي اُفق تي ٻه مهينا اڳ ظاهر ٿيندڙ هڪ چمڪندڙ ’ايسٽيرائيڊ“ يا ٽٽل ستارو، چنڊ ته ناهي پر اسان جي چنڊ جو ٽڪرو ضرور آهي.
افسانوي ۽ رومانوي انداز ۾ اُڀرڻ واري هن ”ننڍي چنڊ“ بابت هاڻي اهو چيو پيو وڃي ته امڪاني طور تي اها چنڊ کان ڇڄڻ واري هڪ ڇِپَ آهي.
سائنسدانن موجب اِها ڇِپَ چنڊ کان ان وقت جدا ٿي هئي جڏهن هڪ ٽٽندڙ ستارو ايڏو ته زور سان چنڊ سان ٽڪرايو هو جو اتي هڪ کڏو ٺهي ويو ۽ ڇِپَ ان جاءِ تان الڳ ٿي خلا ۾ هلي ويئي.
هاڻي چنڊ جو هي نقصان نه پهچائيندڙ ٽڪرو سج جي ڪشش جي ڪري ڌرتيءَ کان ڏور ٿيندو پيو وڃي.
پر، ايندڙ سال جنوري ۾ اِهو وري ڌرتي جي ويجهو ايندو ۽ ان وقت ان جي زمين کان فاصلو يارنهن لک ميل هوندي.
آمريڪي خلائي اداري ناسا موجب، جنوريءَ ۾ هن 33 فٽ ڇِپَ جهڙي شئي زمين جي ويجهو اچڻ تي ”ريڊار اينٽينا“ جي مدد سان ان بابت وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
ناسا موجب، ٽيڪنيڪي طور تي اها شئي چنڊ ته ناهي پر ان باوجود اداري لاءِ اها تمام دلچسپ شئي آهي.
ننڍڙي چنڊ جي نالي سان سڏيو ويندڙ هي آبجيڪٽ ڌرتي جي مقناطيسي ڇڪ ۽ مدار ۾ مڪمل طور تي ناهي آيو ۽ في الحال ڌرتيءَ کان کان 20 لک ميل پري آهي.
سڀ کان اڳ چنڊ کان جدا ٿيندڙ ان ڇِپَ جي ميڊرڊ جي ڪمپليٽينس يونيورسٽيءَ جي فلڪياتي ماهرن، رائول ۽ ڪارلوس ڊي لا فوئنٽي مارڪوس نشاندهي ڪئي ، جنهن کي ”مني مون“ جو نالو ڏنو ويوآهي.
چنڊ جو هيءُ ٽڪرو ايندڙ سال جنوريءَ کان پوءِ ڌرتيءَ کان گهڻو پري شمسي نظام ۾ داخل ٿي ويندو ۽ وري ٽيهه ورهين بعد 2055ع ۾ ٻيهر ڌرتيءَ جي ويجهو ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.