ڪجهه ماڻهو کاٻڙيل ڇو هوندا آهن؟ ماهرن جواب ڳولي ورتو

سڄي دنيا ۾ 90 سيڪڙو ماڻهن ساڄي هٿ سان لکڻ کي ترجيح ڏيندا آهن جنهن جو مطلب آهي ته 10 سيڪڙو کاٻي هٿ جا هوندا آهن. پر ڪهڙو سبب آهي جو ڪجهه ماڻهو ساڄڙيل ۽ ڪجهه ماڻهو کاٻڙيل هوندا آهن؟

نئين تحقيق مان ان سوال جو جواب مليو آهي. رپورٽ موجب تحقيق ۾ هڪ اهڙي جين تي روشني وڌي وئي آهي جيڪو امڪاني طور تي کاٻڙيل بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي. اهو جين 10 سيڪڙو ماڻهن ۾ وڌيڪ هوندو آهي ۽ جيوگھرڙن جي ساخت کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي. ٽي يو بي بي 4 بي نالي جين ان جو سبب هوندو آهي.

اسان جو دماغ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ تحقيق موجب گهڻن ماڻهن ۾ دماغ جو کاٻو حصو زبان جي حوالي سان اهم هوندو آهي جڏهن ته ساڄو حصو ڪنهن هنڌ اکين جو نور محفوظ ڪرڻ لاءِ اهم هوندو آهي.

تحقيق موجب ٽي يو بي بي 4 بي هڪ اهڙي پروٽين کي ضابطي هيٺ آڻيندو آهي جيڪو جيو گهرڙن جي اسٽرڪچر ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي. ماهرن موجب کاٻڙيل ماڻحن ۾ ان جين ۾ ميوٽيشنز کي ڳوليو ويو آهي. ماهرن موجب اڃا واضح ڪجهه ناهي پر امڪان آهي ته مخصوص جينياتي ورزنز ان حوالي سان ڪردار ادا ڪندا آهن، ٽي يو بي بي 4 بي ان جو وڏو مثال آهي.

واضح رهي ته ماهرن کان ان جو ڪارڻ نه پيو لڀي ته ڪهڙا جينز ماڻهو کي کاٻڙيل بڻائيندا آهن. سماج ۾ پيدائش کانپوءِ ٻارن تي زور ڀريو ويندو آهي ته ساڄڙيل ٿين جڏهن ته اهو جينياتي آهي ته 90 سيڪڙو ماڻهو ساڄڙيل ٿيندا آهن باقي 10 سيڪڙو کاٻڙيل پيدا ٿيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.