ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچن جي قيام کانپوءِ ٻين ججن آئيني درخواستن تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.
26هين آئيني ترميم تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچن جي قيام کانپوءِ ٻين ججن آئيني درخواستن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.
اڱاري ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ بلنڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي معاملي تي درخواست جي فوري طور ٻڌڻي جي اپيل ڪئي وئي ۽ لاڳاپيل وڪيل چيو ته منهنجو ڪيس آرٽيڪل (2) 199 تحت اچي ٿو.
ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته صوبائي حڪومت يا وفاق کي ڪارروائي کان روڪڻ بابت درخواستون آئيني بينچ ٻڌندي، توهان جسٽس ڪي ڪي آغا کان اجازت وٺو.
عدالت چيو ته اسان مشروط طور اجازت ڏئي رهيا آهيون، اڳ ۾ آفيس طئي ڪندي ته ريگولر بينچ ٻڌندي يا آئيني بينچ ٻڌندي.
عدالت نيب نوٽيس، اڪائونٽ ڊي فريز ڪرڻ، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جڏهن ته ايف آءِ آر ختم ڪرڻ بابت درخواست کي عدالت تبديل ڪري بينچ جي روبرو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
پوءِ عدالت درخواستن جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like