زوب(م ڊ)پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هڪ فوجي آپريشن جي نتيجي ۾ ملڪ هڪ ڀيرو ٽٽي چڪو آهي ڇو ته سياسي مسئلن جو حل فوجي آپريشن ناهي بلڪه سياسي ڳالهين ۽ آئيني بالادستي ۾ آهي،زوب ۾ جرڳي کي خطاب ڪندي هن چيو ته دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي پر ڪمزور ۽ محڪوم قومن جي وسيلن تي قابض ٿيڻ، انهن جي علائقن ۾ دخل اندازي ڪرڻ ۽ اتي ناپاڪ مقصدن لاءِ بيگناهه انسانن جو خون وهائڻ جو سلسلو به جاري آهي،هن چيو ته پشتون وطن جي ٻين علائقن ۾ دهشت گردي ۽ ڪرم ۾ فرقيواريت جي نالي تي باهه ۽ خون جي راند جاري آهي، پشتونن ۽ ٻين سياسي طور تي ڪمزور قومن لاءِ انهن جا قيمتي وسيلا هڪ عذاب بڻجي چڪا آهن،هن چيو ته هي پارليامينٽ اسمگلرن ۽ ڪارو ناڻو گڏ ڪندڙن جو اڏو بڻجي چڪي آهي، جتي عوامي مسئلن تي بحث ۽ فيصلن جي ڪا گنجائش ناهي، آخر ۾ هن تحريڪ انصاف جو پرامن احتجاج روڪڻ لاءِ اسلام آباد جو باقي ملڪ سان زميني رابطو ڪٽڻ جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهڙيون ڪارروايون جمهوري اصولن جي خلاف آهن.