بلاوايو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو آهي ته نوجوان رانديگرن وٽ زمبابوي ۾ پرفارم ڪرڻ سٺو موقعو آهي.
پهرين ون ڊي ۾ زمبابوي هٿان شڪست بعد پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته سينيئر رانديگرن جي کوٽ پوري ڪرڻ سولو ناهي، آسٽريليا خلاف سيريز کٽڻ کانپوءِ مورال بلند آهي.
محمد رضوان چيو ته چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ سٺي ٽيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، پرڏيهي سيريز ۾ ڪنڊيشن مختلف هونديون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته عاقب جاويد سان ملاقات ٿي آهي، هن چيو آهي ته جيئن آسٽريليا ۾ کيڏيا آهيون زمبابوي خلاف به ائين ئي کيڏو.
You might also like