هاءِ ڪورٽ جو سياري جي موڪلن کانپوءِ اسڪولي ٻارن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سياري جي موڪلن کانپوءِ اسڪولي ٻارن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ جي تدارڪ جي درخواستن تي 3 صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ سياري جي موڪلن کانپوءِ اسڪولن کي ٻارن کي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته اسڪولز کاتي کي فائنل نوٽيس ڏئي رهيا آهيون.
ٻڌڻي دوران عدالت ٽرانسپورٽ کاتي جي قدمن جي تعريف ڪئي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب حڪومت سموگ تي ضابطي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ فصلن جي باقيات ساڙيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.