اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ جو قافلو اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيو آهي، جڏهن ته وفاقي تخت گاهه ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪندي رستا بند ڪيا ويا آهن
پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ شامل قافلي گذريل ڏينهن صوابي کان اسلام آباد ڏانهن سفر شروع ڪيو هو، احتجاج ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن رات برهان ڀرسان ڍوڪ گهر ۾ موٽر وي تي گذاري هئي، صبح ٿيندي ئي قافلي اسلام آباد ڏانهن ٻيهر سفر شروع ڪيو.
علي امين گنڊاپور قافلي جي قيادت ڪري رهيو آهي، جڏهن ته عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي به قافلي ۾ شامل آهي.
هوڏانهن حڪومت طرفان پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ۽ هنڌ هنڌ رنڊڪون بيهاريون ويون آهن.
You might also like