اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 52 سيڪڙو پاڪستاني پسند پرڻي جي مخالف نڪتا.
اهو انڪشاف تازي گيلپ پاڪستان سروي ۾ سامهون آيو، جنهن ۾ 52 سيڪڙو ماڻهن چيو ته هو پسند پرڻي جي بلڪل حمايت نٿا ڪن، جڏهن ته 39 سيڪڙو ان جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته پسند جي شادي تي ڪو اعتراض ناهي.
حيران ڪندڙ طور تي پسند پرڻي جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت شهري آبادي طرفان ڪئي وئي.
سروي موجب شهري آبادي ۾ 58 سيڪڙو ان تي اعتراض ڪيو، جڏهن ته ٻهراڙي ۾ پسند پرڻي جي مخالفت جي شرح 49 سيڪڙو ڏٺي وئي.
Next Post
You might also like