اسڪولن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اسڪولن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ٿي ويو.
سيڪريٽري اسڪولز پنجاب خالد نذير وٽو موجب صوبي ۾ 20 ڊسمبر کان اسڪولن جون موڪلون شروع ٿينديون.
هن چيو ته سياري جي موڪلن جو سلسلو 10 جنوري 2025 تائين جاري رهندو، هيل سياري جون موڪلون 20 ڏينهن هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.