اوپن اي آءِ گوگل کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا

اوپن اي آءِ اها ڪمپني آهي جنهن چيٽ جي پي ٽي جهڙو مقبول چيٽ بوٽ متعارف ڪريو هو، هاڻي اِها گوگل جي بزنس جي هڪ اهم پهلوءَ کي نشانو بڻائڻ تي غور ڪري رهي آهي.
هڪ رپورٽ موجب، اپن اي آءِ طرفان ڪروم جي ڀيٽ ۾ هڪ ويب برائوزر تيار ڪرڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي آهي.
دي انفارميشن ڇپيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اِهو برائوزر چيٽ جي پي ٽي تي ٻڌل هوندو، برائوزر ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو ؟ ان حوالي سان تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
رپورٽ موجب، ڪمپني پنهنجي برائوزر جي تياري بابت انتهائي سنجيدا آهي، ان مقصد لاءِ اوپن اي آءِ اهڙن ٻن ماڻهن جو خدمتون حاصل ڪيون جيڪي گوگل لاءِ ڪروم جي تياري تي به ڪم ڪري چڪا آهن.
ڪمپني ان کان اڳ پنهنجي سرچ انجڻ پڻ تيار ڪري چڪي آهي، سرچ جي پي ٽي نالي سرچ انجڻ کي به گوگل سرچ انجڻ سان ٽڪر ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.